لاهور – 14 – آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي ۽ پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي م??قعي تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب علامه اقبال جي مزار تي م??عقد ٿ?? جنهن ۾ پاڪ فوج جي دستي پنجاب رينجرز جي جڳهه گارڊز ج?? فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي تقريب جو خاص مهمان ميجر جنرل شهباز خان هو. خاص مهمان گارڊز جي تبديلي جي عمل جو معائنو ڪيو. هن مزار تي گلدستو رکيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميجر جنرل شهباز خان مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي م??ڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.