اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پ??ش ڪندڙ شهي??ن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفو?? تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهي??ن جي وارثنس ان افسوس جو اظها?? ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه ه??نداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پ??ش ڪندڙ شهي??ن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر شهي??ن جي پونئيرن سان همدردي جو اظها?? ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.