اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي ??انپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو پاڪستان تي حملي ??ان گ??ٽ نه آهي، دهشت??رد?? اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو پاڪستان تي حملي ??ان گ??ٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشت??رد?? اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان هم??رد?? جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.