پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان حملو ??يو، اسان جي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي، شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت ??ه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر، وفاقي ۽ صوبائي وزير، مسلم ليگ (ن) جو سيڪريٽري اطلاعات، ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊي?? ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2014ع ۾ جهڙي طرح انهن ماڻهن پي ٽي وي تي حملو ??يو هو، اهڙي طرح مڪمل منصوبابندي سان 9 مئي تي ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جي عمارت تي حملو ??يو، 9 مئي تي گارڊز ۽ عملي شرپسندن کي روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر 10 مئي تي اهي شرپسند ۽ هٿياربند جٿا مڪمل منصوبابندي سان ٻيهر ر??ڊي?? پاڪستان جي عمارت تي حملي آور ٿيا، انهن وٽ ڏنڊا ۽ پيٽرول هو، ضلعي انتظاميا ۽ ر??ڊي?? پاڪستان جي عملي عمارت کي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ان دوران عملي جا ڪيترائي ماڻهو شديد زخمي پڻ ٿيا. واقعي جي ايف آءِ آر پڻ انهي ڏينهن داخل ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عمارت به ٻيه?? بڻجي ويندي ۽ ٽرانسميٽرز به لڳي ويندا پر اسان جي تاريخي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي حملي کانپوءِ اسان آرڪائيو کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو هو، اهو ئي پراسيس ر??ڊي?? پاڪستان ۾ به جاري هو. هن چيو ته اهڙي طرح جي ڏوهارين ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي رعايت ??ه ڪئي ويندي، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته سياسي احتجاج جي آڙ ۾ اهي ان ڏوهه کان آزاد ٿي ويندا ته ائين ممڪن نه آهي، 9 مئي ٻيهر نه ٿي ورجائي سگهجي، ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊي?? پاڪستان طاهر حسن ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ ر??ڊي?? جو سفر 1927ع ۾ شروع ٿيو، 1935ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ر??ڊي?? جو پهريون ٽرانسميٽر لڳايو ويو، 1947ع ۾ انهي ر??ڊي?? پاڪستان جي وجود جو اعلان ڪيو. ر??ڊي?? پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت افغان وار ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ر??ڊي?? پاڪستان هن وقت 23 مقامي ۽ 11 عالمي ٻولين ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ان تاريخي ورثي کي رڳو 6 ڪلاڪن ۾ ساڙي ختم ڪيو ويو، اسان جا ٽرانسميٽر ساڙيا ويا. 9 مئي تي چاغي جي يادگار کي ساڙيو ويو، ان کان اڳئين ڏينهن 10 مئي تي مڪمل منصوبابندي سان اهي ماڻهو هتي آيا ۽ عمارت کي باهه لڳائي ۽ ڦرلٽ ڪئي، اسان جي عملي کي زخمي ڪيو. هن چيو ته ر??ڊي?? پاڪستان ضلعي انتظاميا، پاڪ فوج سان گڏجي 25 ڪلاڪن ۾ پنهنجي نشريات کي بحال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هر سطح تي جهڙي طرح ر??ڊي?? پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سدائين ياد رکيو ويندو.