راولپنڊي – 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم م??ير چيو آهي ته پاڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪ??ي اوهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي. هو يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي موقعي تي اسڪول جي ٻارڙن سان غير رسمي ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي موقعي تي آر??ي چيف اسڪولي ٻارڙن جن ۾ شهيدن جا ٻار به شامل هئا، سان ملاقات ڪئي. اسڪول ۽ شهيدن جي ٻارن جي تي شفقت ڀريو هٿ رکندي آر??ي چيف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي. آر??ي چيف ٻارڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪ??ي اوهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي، پاڪ فوج هميشه اوهان سان گڏ بيٺل رهندي.