اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي ل??ءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي ل??ءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن با??ت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي ل??ءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو ??هي. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه ??هي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ل??ءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اخت??ار ڪيو، ان با??ت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ ??هي.