اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اوسلو ۾ ناروي جي پارليامينٽ جي پرڏيهي م??املن ۽ دفاع بابت ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جن جي سربراهي چيئرپرسن اين سورائيڊ ڪري رهي هئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي م??املن ۽ عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ناروي تي زور ڏنو ته هو عالمي تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري. حنا رباني کر گذريل ڏينهن اوسلو پهتي هئي. پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير 5 کان 13 جون تائين يورپ جي 4 ملڪن ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جي سرڪاري دوري ??ي آهي.