اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترق??ات?? بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال قومي ترق??ات?? بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب رپيا هوندو، مجموعي ترق??ات?? پروگرام ۾ وف??ق 1150 ارب رپيا خرچ ڪندو جنهن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب رپيا وف??ق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترق??ات?? بجيٽ 1559 ارب رپيا هوندي، پنجاب ??ي ترق??ات?? بجيٽ 426 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب رپيا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لاءِ آهي، سنڌ جي سالياني ترق??ات?? بجيٽ 617 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي سالياني ترق??ات?? بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وف??قي وزيرن سيد نويد قمر، اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان، سينيٽر نثار احمد کهوڙو، خيبرپختونخواهه جي ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله، بلوچستان جي سينيئر وزير ۽ ناڻي واري وزير نور محمد دُمڙ شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذ??يعي شريڪ ٿيو. قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبا وف??ق جون اڪائيون آهن ۽ پاڪستان جي خوشحالي تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين صوبا خوشحال نه هجن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته محدود معاشي وسيلن جي باوجود حڪومت صوبن جا ترق??ات?? مطالبا پورا ڪندي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ يقيني بڻائيندي، ان حوالي سان منصوبابندي واري وف??قي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته صوبن کي ملندڙ فنڊز ۾ ڪنهن به قسم ??ي تخصيص نه ڪئي ويندي پر سمورن صوبن کي انهن جي ضرورتن موجب موجوده وسيلا منصفاڻي ۽ شفاف بنيادن تي ورهايا ويندا. هن چيو ته ملڪي معاشي ترقي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ تعليم، صحت، جديد انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، حڪومت پاڪستان ۾ گرين ريولوشن 2.0 جو بنياد رکي رهي آهي جنهن سان ملڪ زراعت ۾ پاڻڀرو ٿيندو، حڪومت زراعت جي شعبي جي جدت، پيداوار ۾ اضافي ۽ في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) حڪومت ڇڏي تڏهن وف??قي ترق??ات?? بجيٽ 1000 ارب رپيا هئي جيڪا 22 – 2021ع ۾ گهٽ ڪري رڳو 550 ارب رپيا ڪئي وئي، ان ڏوهاري فعل سان ملڪي ترقي کي ڄاڻي واڻي روڪيو ويو پر موجوده حڪومت معاشي چئلينجز جي باوجود ترق??ات?? بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ان کي ايندڙ سال جي لاءِ 1150 ارب رپيا ڪيو آهي ته جيئن نه رڳو پاڪستان ترقي ڪري پر ان ترقي جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن. قومي اقتصادي ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي ڇڏيل معاشي مشڪلاتن ۽ پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ سان معيشت کي 30 ارب ڊالر جي نقصان جي باوجود هلندڙ سال حاصل ٿيندڙ واڌويجهه جي شرح 0.3 سيڪڙو رهي، گذريل حڪومت مالي سال 22 – 2021ع ۾ 84 ارب ڊالر جي برآمدات ڪئي جنهن جي ڪري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي معاشي مشڪلاتن ۾ شديد اضافو ٿيو، ايندڙ مالي سال جي لاءِ ترقي جي شرح جو هدف 3.5 سيڪڙو تي رکڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ مجموعي طور تي سيڙپڪاري جي شرح 13.61 سيڪڙو رهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان جو هدف پڻ وڌائي 15 سيڪڙو رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترق??ات?? بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏني وئي. اجلاس مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ قومي ترق??ات?? بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال قومي ترق??ات?? بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب رپيا هوندو، مجموعي ترق??ات?? پروگرام ۾ وف??ق 1150 ارب رپيا خرچ ڪندو جنهن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب رپيا وف??ق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترق??ات?? بجيٽ 1559 ارب رپيا هوندي، پنجاب ??ي ترق??ات?? بجيٽ 426 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب رپيا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لاءِ آهي، سنڌ جي سالياني ترق??ات?? بجيٽ 617 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي سالياني ترق??ات?? بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. سال 24 – 2023ع ??ي ترق??ات?? فنڊ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ترق??ات?? بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 1182 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ 311 نيون جڏهن ته 871 جاري ترق??ات?? اسڪيمون آهن. منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير اجلاس ۾ 5 – ايز فريم ورڪ تي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني جنهن تحت روانگي واپار جي فروغ، اي (ڊيجيٽل) پاڪستان ??ي ترقي، ماحوليات، توانائي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي تنهن ڪري ان فريم ورڪ تحت اهڙي ايجنڊا جوڙي وئي آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، 5 ايز ۾ سڀ کان پهرين روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، حڪومت ??ي ترجيح آهي ته انهن پنجن شعبن جي ذريعي روانگي واپار کي وڌايو وڃي، عالمي مارڪيٽ ۾ 5 شعبن جي ذريعي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ڊيجيٽل پاڪستان به انهن مان هڪ منصوبو آهي، ڊيجيٽل جي سهولت پوري پاڪستان کي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي منصوبابندي واري وف??قي وزير پاران آر ايف 4 منصوبي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي منصوبن تي وڏي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان جي فنڊنگ پاڪستان جا ترق??ات?? حصيدار عالمي بئنڪ، ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ ۽ اسلامي ترق??ات?? بئنڪ ڪري رهيا آهن. قومي اقتصادي ڪائونسل ”پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ لُڪ 2035ع“ جي پڻ اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين جي مشاورت سان منصوبابندي واري وزارت ان جو ويزن ڊاڪيومنٽ ۽ اسٽريٽجي يپپر ٺاهيندي، گذريل حڪومت جي ڪا معاشي پلاننگ نه هجڻ جي ڪري ملڪي ترقي سستي جو شڪار ٿي، جيڪڏهن ملڪ انهي رستي تي هلندو رهي ها ته 2035ع ۾ ملڪي معيشت جو ڪاٿو رڳو 550 ارب ڊالر تائين پهچي ها ۽ غربت جي شرح 40 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ها، ان جي ابتڙ حڪومت ٽرانسفارميشنل گروٿ ماڊل جو ٺوس منصوبو پيش ڪري رهي آهي، ان منصوبابندي تحت پاڪستان ۾ ساليانو 6.2 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح حاصل ڪري پاڪستان جي معيشت جي ڪاٿي کي 1000 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو جڏهن ته غربت جي شرح کي به گهٽ ڪري 15 سيڪڙو تائين آندو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 24 – 2023ع ??ي ترق??ات?? بجيٽ ۾ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، سماجي شعبي، موسم??ات?? تبديلي کان بچاءُ، عالمي معيار ??ي تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ??ي ترقي ۽ توانائي جي شعبي جي جدت ۽ سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اجلاس ۾ سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنڪ جي اپريل 2022ع کان مارچ 2023ع تائين جي سالياني پروگرام رپورٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ملڪ ۾ عالمي معيار جي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ 145 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني. ان سان اعليٰ تعليم جي بجيٽ مجموعي طور تي 60 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي جنهن جي لاءِ 22 – 2021ع ۾ گذريل حڪومت رڳو 24 ارب رپيا رکيا هئا. ان کانسواءِ 80 ارب رپين جي لاڳت سان نوجوانن جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي قدمن جن ۾ نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو قيام، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، ليپ ٽاپ اسڪيم، نوجوانن کي هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام ۽ وينچر ڪيپيٽل جي فروغ جا پروگرام شامل آهن، جي منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل کي قومي توانائي بچت پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن جي منظوري وف??قي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن تي عمل ڪري مختصر عرصي ۾ رڳو ٻارڻ جي درآمدي بل جي مد ۾ 10 – 15 سيڪڙو يعني هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ڪري سگهبي. ان موقعي تي صوبائي حڪومتن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي قومي بچت پلان جي مختلف رخن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهن.