اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)موجوده حڪومت زرعي شعبي تي ٻ??ڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ ??اء?? 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته ان پيڪيج جا معيشت تي مثبت اثر آيا آهن. ٻ??ڏ جي تباهه ڪارين باوجود زرعي شعبي ۾ 1.5 سيڪڙو جي گروٿ ٿي آهي. ڪڻڪ جو بمپر ??راپ فصل ٿيڻ سبب 28 ملين ٽن کان وڌيڪ پيداوار ٿي ۽ هاري جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٻهراڙي جي معيشت ۾ 1500 کان 2 هزار ارب رپيا اضافي منتقل ٿيو. ان س??ن ملڪ جي مجموعي معيشت تي مثبت اثر پوندا. بجيٽ 24-2023ع ذريعي حڪومت زرعي شعبي ??اء?? رعايتن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي پيش ڪيا ويندا. اميد آهي ته هي قدم ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻوڏ ک??ن متاثر علائقا ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا. حڪومت انهن علائقن ۾ بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. نئين سر تعمير ??اء?? حڪومت 578 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ مالي کان اهي علائقا معيشت ۾ ٻيهر پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا.