اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سمورين ڏکيائين باوجود ٽيڪس فري متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي اقتصادي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي، اهو سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، ميثاق معيشت عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو واحد رستو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشنرن کي 17.5 سيڪڙو اضافي جي صورت م رليف ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف ۽ بحالي، عالمي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن ۽ جيو اسٽريٽجڪ تبديلين سبب پ??دا ٿيندڙ مسلسل چ??لينجن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سا?? جي بجيٽ ٺاهڻ خاص طور تي هڪ ڏکيو ڪم هو. عمران نيازي طرفان پ??دا ٿيل سياسي عدم استحڪام جي نه ختم ٿيڻ واري سلسلي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ غيريقيني صورتحال پ??دا ڪئي. جيئن ته ملڪ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ڏکيائين جو شڪار رهيو، وزي??اع??م چيو ته بجيٽ معيشت جي ڊگهي مدي واري بيمارين کي صحيح ڪرڻ واري عم?? جي شروعات جي نمائندگي ڪري ٿي، اتحادي حڪومت انهن شعبن کي ترجيح ڏني آهي، جيڪي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزي??اع??م چيو ته مهانگائي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 30- 35 ۽ 17.5 سيڪڙو تائين اضافي جي صورت ۾ رليف فراهم ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مزدورو جو اجورو وڌائي 32 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ وڌيڪ متوازن بجيٽ جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي، موجوده ڏکين حالتن ۾ ممڪن نه هو، آئون انهن سمورن ماڻهن جي ساراهه ڪيان ٿو جيڪي بجيٽ ٺاهڻ جو حصو رهيا ۽ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزي??اع??م چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي جيڪو هڪ مستحڪم سياسي ماحول ۾ ڪري سگهجي ٿو ڇو جو معاشي ترقي جو تعلق سياسي استحڪام سان آهي، اتان ئي ميثاق معيشت اسان جي سياسي پارٽين لاءِ پنهنجي عوام جي خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو نظر اچي ٿو.