اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ??وران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ??ه انتونيو گوتريس سان ملاقات دور??ن اس??ن اتفاق ڪيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلي بابت پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جي ض??ورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پنهنجي ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ ??ٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور وڪالت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه اس??ن اتفاق ڪيو ته عالمي برادري کي موسمياتي انصاف جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ض??ورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وساريندا ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ ??ي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي.