اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اق??يتي برادري پاڪستاني قوميت جو بنيادي حصو آهي، دفاع، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمت سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان جي غيرمسلمان ڀا??رن ۽ ڀينرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جو آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي حقن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي اسان جي قومي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اق??يتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان اق??يتن جي قومي ڏينهن تي پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ غيرمسلمان پاڪستاني شهرين جي ڪردار کي ملهائي رهيا آهيون، اسان جي اق??يتي برادريون پاڪستاني قوميت جو بنيادي حصو آهن، آزادي جي جدوجهد کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني اق??يتن ملڪ جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، دفاع هجي يا تعليم، صحت هجي يا سماجي خدمت، زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان جي غيرمسلمان ڀا??رن ۽ ڀينرن اهم ڪردار اد اڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جو ڌيان قائداعظم جي قانونساز اسيمبلي ۾ڪ يل ان تاريخي تقرير طرف ڇڪرائي ٿو جنهن ۾ هن نئين رياست پاڪستان جي شهرين جي لاءِ رهنما اصول جوڙيا هئا. هن چيو ته پاڪستان جو تصور غيرمسلمان ڀا??رن ۽ ڀينرن کانسواءِ اڻ مڪمل آهي، اسان جي ملڪ جي جهنڊي ۾ اڇو حصو ملڪ ۾ اق??يتي برادري جي جڳهه جي علامت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پهرين قانون واري وزير جوگندر ناٿ منڊل کان وٺي ڊاڪٽر ميرا فيلبس تائين، ڊاڪٽر رٿ فائون کان وٺي جسٽس دراب پٽيل ت??ئين، اسان جي ملڪ جي ناليورين غيرمسلمان شخصيتن جي فهرست تمام ڊگهي آهي جن جي عوامي خدمتون کي ساراهيو وڃي ٿو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي اسان جي قومي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. اسان جو آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي حقن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي اق??يتي برادرين کي بااختيار بڻائڻ، عوامي پاليسي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکيا آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته اق??يتن جي قومي ڏينهن تي آئون قوم جي تعمير ۾ غيرمسلمان پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي مستقل ۽ پختي عزم جو يقين ڏياريان ٿو. هن چيو ته آئون معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪن، ڪنهن به قوم ۾ اتحاد جي جذبي کان وڌيڪ طاقتور ڪا شيءَ نه آهي ڇو ته اهو ان جي تخيل کي طاقت ??خشي ٿو ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي عزم کي مضبوط ڪري ٿو، قائداعظم جو نصب العين، ايمان، اتحاد، نظم اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.