ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ??ٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پن??نجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آ??ي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پن??نجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. بينظير ??ٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آ??ي. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پن??نجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ?? به پن??نجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پن??نجي حڪومت جي ڪابينا ?? به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته غيرمسلمان شهرين جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپارٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.