اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ب??ران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيان عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ان مسئلي جو نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي جي بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چ??و ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ??اڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چ??و ته ميديا کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چ??و ته اسان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چ??و ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ب??ران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چ??و ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان مسئلي جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چ??و ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.