گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳال??ين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 ??ين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳال??ين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي ??ار??يت، فضائي حملا، بستين جي توسيع، فلسطينين جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پارا?? آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳال??ين جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذ??ب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.