پيرا نجي اسڪولن جي سالياني رجسٽريشن لاءِ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس تي عملدرآمد کي لازمي بڻائي: تعليم وارو نگران وفاقي وزير

image

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم جاري ڪيو آهي ته اها خانگي اسڪولن جي سالياني رجسٽريشن لاءِ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس لازمي بڻائي. وفاقي وزير ۽ پيرا جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيده ضياء بتول وچ ۾ ن ملاقات ٿي. وفاقي وزير جي حڪم تحت وفاق ۾ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس سمورن خانگين اسڪولن جي رجسٽريشن جو لازمي حصو بڻائي وڃي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم ڏنو آهي ته 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس سمورن خانگي اسڪولن کي ڏيڻ گهرجن. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ويو ته ان آرڊر تي عملدرآمد ٿي چڪ آهي، هاڻ هر سال پيرا کان رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ خانگي اسڪولن تي لازم هوندو ته اهي 10 سيڪڙو شاگردن کي نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس ڏين. مدد علي سنڌي چيو ته اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته هر طبقي کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته هر ٻار جي تعليم اسان جي ذميواري آهي، جنهن کي اسان پوري ايمانداريءَ سان پورو ڪنداسين. اسلام آباد ۾ 1400 خانگي اسڪول آهن جيڪي ان تي عمل ڪندا.

مضمون کا ماخذ : کڑک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں