اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ا??ڪلز ي??ني??رسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو ??ڻا??ي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي?? ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل ا??ڪلز ي??ني??رسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ ي??ني??رسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ ي??ني??رسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.