اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل ش??بي جي تعليم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي خدمتن، مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته صحت جي ش??بي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان گڏ بچاءُ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت کان اڳ بيمارين کان بچاءُ ۽ وقت سر تشخيص سان صحت جي نظام تي پوند?? بار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق سميت سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل ج?? ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نرسنگ جي ش??بي سميت ٻين شعبن ۾ داخلائن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ عرصي ۾ مختلف شعبن ۾ 429 اسپيشلسٽ تيار ڪري چڪي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀ ٽو ميڊيڪل يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ وڏا تحقيقاتي گرانٽس کٽي چڪي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ميڊيڪل ج?? ش??بي ۾ تحقيق ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي مستقبل ۾ نوان پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي پهرين تدريسي بلاڪ جي تعمير پڻ مڪمل ڪندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏئي گهٽ قيمت ۾ ??لڪ جي مجموعي صحت جي صورتحال ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، رڳو بيمارين جي علاج تي ڌيان سان ??لڪ جي صحت جون ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن. صدر سڄي ??لڪ ۾ بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??لڪ کي وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون گريجوئيٽس وڌائڻ تي ڌيان ڏين، عام ماڻهو جي صحت سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ صحت جي ش??بي ۾ تربيت يافته ماڻهن جو انگ وڌائڻو پوندو، عورت ڊاڪٽرن جي صحت جي ش??بي خدمتون برقرار رکڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم جي جڳهه تي دوستاڻو ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، يونيورسٽيون تحقيق جي ش??بي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين، ٻاهرئين ??لڪ مان ريسرچ گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماهر ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون. اجلاس ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين ۽ صحت جي ش??بي ۾ خدمتن بابت پڻ ٻڌايو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. سينيٽ يونيورسٽي جي ملازمن جي سروس قانونن ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني.