اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا اڄ سفار??ي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي ن??ران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪوريا جي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقاف??ي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ عو??م سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.