اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انف??رم??شن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبار?? کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ??اڪٽر طارق محمود خا?? کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبار?? کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انف??رم??شن آفيسر وفد ??ي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبار?? کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.