روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرس??ان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد م??رجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرس??ان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي ع??ائ??ي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد م??رجي ويا. ڏکڻ وزيرس??ان جي ع??ائ??ي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد م??رجي ويو. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪي?? ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪي??رين ئي ڪارروائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وزيرس??ان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. ع??ائ??ي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون ??ار?? آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪس??ان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.