دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي ??ي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ??ي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ست??ن ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي ??ي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن ??ي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پا??ست??ن موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم کي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.