ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ دبئي جي ح??وم?? مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الح??وم??ي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي ??و سلطان احمد بن سليم ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پ??ڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پ??ڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ورلڊ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي ح??وم?? پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان واپار ۽ صنعتي سرگرمين جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت ف??اه?? ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران وزيراعظم مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارين وزارتن ۽ دبئي جي ح??وم?? جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الح??وم??ي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي ح??وم?? پاران ڊي پي ورلڊ نمائندگي ڪئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، ملٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽرمينلز قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۽ پورٽ قاسم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.