اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سل??ان راجا چئني صوبن جي چ??ف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي آهي ته هو سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکن ته جيئن ووٽرن کي م??مل تحفظ فراهم ڪري سگهجي. جاري بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبن جي چ??ف سيڪريٽريز ۽ـ آءِ جيز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته سيڪيورٽيءَ کي هاءِ الرٽ رکيو وڃي ۽ جلد کان جلد مقرري کي م??مل ڪيو وڃي ته جيئن ووٽرن کي م??مل سيڪيورٽي فراهم ۽ سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي آفيسن کي محفوظ بڻائي سگهجي. چيف اليڪشن ڪمشنر چ??ف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان سان به دهشتگرديءَ جي ٻن افسوسناڪ واقعن تي ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن هر قسم جي معاونت ڪندي.