اسلام آباد- 13 ??يبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اداره جاتي معاملن تي ب??يف??گ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪوارٽرز پهچ?? تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي آجيان ڪئي. نادرا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اداري بابت ب??يف??گ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان جو اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گ??رو وزير جي آجيان ڪئي. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي ب??يف??گ ڏني.