پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني لوڻ طور مارڪيٽ ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني لوڻ طور مارڪيٽ ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار کيوڙه ۾ لوڻ جي کاڻ جي دوري دوران ڪيو. صدر کي پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪاروريسن جي مختلف جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني کاڄرو لوڻ کي قابل قدر مصنوعات ۾ بدلائي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، کاڻين جي کوٽائي جي عمل دوران لوڻ جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو راڪ سالٽ موجود آهي، پاڪستاني لوڻ معياري، گهٽ قيمت ۽ منرلز سان ڀرپور آهي. صدر سالٽ مائن جي اندر مختلف سياحتي جاين جو جائزو ورتو. کيس کيوڙه ۾ موجود لوڻ جي معيار ۽ مختلف نمڪياتي جزن بابت پڻ ٻڌايو ويو. صدر کيوڙه لوڻ جي کاڻ ۾ سالٽ لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن سالٽ لائبريري ۽ دم جي سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کيوڙه سالٽ مائن ۾ دم سينٽر ۾ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي صدر کي کيوڙه سالٽ مائن مان لوڻ جي کوٽائي جي مختلف مرحلن بابت ٻڌايو. صدر کي لوڻ جي کوٽائي جي لاءِ جاري سرگرمين بابت پڻ ٻڌايو ويو. هن کيوڙه کاڻ جي تاريخي پس منظر ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر پڻ لکيا.

مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná
متعلقہ مضامین
مزید خبریں