شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي چين جي دوري دوران وفاقي وزيرن عبدالعليم خان ۽ ڄام ڪمال خان پاران چيني ڪمپنين سان ٻطرفا معاهدا ڪيا ويا. پلاننگ ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان مان بورڊ آف ا??ويسٽمينٽ، ڪامرس ۽ نيشنل فوڊ سي??يورٽي جي چيني ادارن سان بزنس ٽو بزنس سرگرميون شامل آهن، سي??پڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون ڪيون. چين جي چنگ ڊائو گروپ، زنگ جيانگ جي وفد پڻ سي??پڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اهم اجلاس ٿيو. چين جي ڪمپنين جو ??اڪستان جي مختلف ا??م شعبن ۾ وڏي سي??پڪاري جي لاءِ دلچسپي جي اظهار، معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. زراعت، فرٽيلائيزر، آءِ ٽي، موبائيل مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، فٽ ويئر ۽ فائبر جي شعبن ۾ سي??پڪاري ٿيندي. سي??پڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪنداسين، حڪومت رڳو سهولتڪار، سي??پڪاري جي لاءِ پاڪستان ۾ نجي شعبي کي مڪمل فري هينڊ ڏيندي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي واپاري برادري جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري خوش آئنده ثابت ٿيندي، توانائي، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، فارمنگ، انجنيئرنگ ڪنسٽرڪشن ۽ لاجسٽڪ جي شعبن ۾ پڻ سي??پڪاري ٿيندي. سي??پڪاري جي لاءِ هوٽلنگ، ٽوئرازم، ڪلچر، اسپورٽس گڊز، ٽيڪسٽائيل، ڊيڪو ريشن انڊسٽري ۽ ايئرپورٽ ڊيزائننگ شامل آهي. سولر پينل، آپٽيڪل فائبر ڪيبل، اسٽيل اسٽرڪچر، منرل ڊيولپمينٽ ۽ پلاسٽڪ سان آلودگي جي خاتمي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته چين جي دوري ۾ پاڪستان مان ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي. وفاقي وزيرن عبدالعليم خان ۽ ڄام ڪمال جي چين جي اهم ڪاروباري گروپس سان مشاورتي اجلاس ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪ چائنا بزنس ڪانفرنس جي ثمر آور ٿيڻ سان معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.