شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شا??سي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ شا??سي جي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شا??سي جي قيادت ۽ عوام پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته شي – آن جي قيادت ۽ ان جي عوام جي پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شا??سي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي چين جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقات رهي. وزيراعظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پ??ڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته شا??سي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شا??سي جديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ شا??سي جي وچ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پ??ڪستان شا??سي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان ان جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وزيراعظم کي شا??سي ۽ شي – آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ته پاڪستان ۽ شا??سي جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، شا??سي جي حڪومت پاڪستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي سان هر قسم جي معاونت جي لاءِ تيار آهي، توهان جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب ۽ لاڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ته شي – آن جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آهي، پ??ڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.