اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏ??نه?? جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد په??ي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏ??ي وئي. آذربائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.