راولپنڊي – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? جم??عت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، جم??عت اسلامي سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، سڀاڻي (خميس) ڏينهن شام جو جم??عت اسلامي سان ڳالهه ٻولهه جي وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. اها ڳالهه هن ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ جم??عت اسلامي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صحا??ين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جم??عت اسلامي سان اڄ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪجهه معاملا لکت ۾ طئي ٿيا آهن. هن چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايجنڊا آهي، 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صار??ين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي جيڪا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني جي لاءِ آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شر??ف انهن قدمن تي عم?? پيرا آهي. هن چيو ته جم??عت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، وڌيڪ معاملن تي اتفاق ٿيڻو آهي، سڀاڻي شام جو جم??عت اسلامي سان وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. هن چيو ته اڄ به ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ ڪرڻ جم??عت اسلامي جو جمهوري حق آهي، حڪومت سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته جم??عت اسلامي جي سيالڪوٽ ۾ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جم??عت اسلامي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪشمير معاملن ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت آر پي او راولپنڊي ۽ ڪمشنر راولپنڊي شامل هئا جڏهن ته جم??عت اسلامي جي وفد جي قيادت لياقت بلوچ ڪئي. ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خميس ڏينهن جم??عت اسلامي سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جون ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.