اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، ملڪي صورتحال ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي هر شڪل ۾ مذمت جوڳي آهي، دهشتگرديءَ خلاف قومي بيانيو پا??ستان جو آواز آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿ??ڻو پوندو. اي اين پي دهشتگرديءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته اي اين پي جي ماڻه?? دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادتون ماڻيون آهن، اسان کين خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ سياسي ۽ گروهي فرق کان مٿانهون ٿي پا??ستان کي دهشتگردن کان پا?? ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، انشاءَ الله عوام جي حمايت سا?? دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪنداسين. اي اين پي جي صدر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اي اين پي جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو، ان جنگ ۾ مان اوهان سان گڏ آهيان.