اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماح??لي??تي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ايف سي سي سي جي ڪوپ 29 جي تياري جي حوالي سان ترقياتي حصيدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماح??لي??تي سفارتڪاري جي ??دفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شم??لي?? ذريعي سمارٽ زراعت جي ??دمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو جنهن جو شمار عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي ڪاربان خا??ج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جنهن بنيادي ڍانچي ۽ روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن کان موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن جو مقصد موافقت جي ??نصوبن لاءِ موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي خا?? مددگار چيو ته هو موسمياتي ۽ ماح??لي??تي چئلينجز لاءِ علائقائي حل تيار ڪرڻ لاءِ بزنس 20 ملڪن سان تعاون لاءِ سرگرم عمل آهي. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو جنهن ۾ خا?? ڪري پنجاب جي ??زيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوپ 29 سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو.