اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ اخبار پڙهڻ جو قومي ڏينهن گذريل ڏينهن 25 سيپٽمبر تي ملهايو ويو. اخبار جي شڪل ۾ صحافت ??ي شروعات 12 سئو سال اڳ يورپ ۾ ٿي ۽ سڄي اخبار دنيا جي سموري ??علومات جو مرڪز بڻجي وئي. ان ڏينهن جي مناسبت سان منعقد ڪيل مختلف پروگرامن ۽ تقريبن ۾ سوشل ميڊيا جي دور ۾ اخبارن جي اهميت کي اجاگر ??يو ويو. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن جي ٽيلي ويزن نشريات ۽ ڊجيٽل ميڊيا باوجود اخبارن جي خبرن کي ئي سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جو ذريعي مڃيو ويندو آهي. ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مختلف س??اجي تنظيمن طرفان تقريبن جو انتظام ??يو ويو ۽ عام ماڻهن کي اخبار پڙهڻ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وئي.