اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جو بيان پاڪستان جي اندروني م??املن ۾ ناقابل قبو?? ۽ ??ذمت جوڳي م??اخلت آه??. هن چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي م??ئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي م??ڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجم??ن چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آه?? ۽ اهو ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون ??ي لاءِ پرعزم آه?? ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.