اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گذريل ??ات ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ ٻن چي??ي انجنيئرن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ هڪ زخمي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چي?? ويو آهي ته اسان چي??ي ۽ پاڪستاني متاثرين جي خاندانن سان گهري تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. بيان موجب دهشتگردي جي اها ڪڌي ڪارروائي نه رڳو پاڪستان پر پاڪستان ۽ چي?? جي پائيدار دوستي تي به حملو آهي. اسان مجيد برگيڊ سميت ان بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي?? ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهارين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي پڪڙڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا ۽ وحشياڻي فعل جا مرتڪب سز?? کان نٿا بچي سگهن. پرڏيهي وزارت ڪوآرڊينيشن جي لاءِ چي??ي سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ چي?? ويجها حصيدار ۽ ڀائر آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل قدرن جي ٻنڌڻن ۾ ٻ??ل آهن. ترجمان چي?? ته پاڪستان چي??ي شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ دهشتگرد قوتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي چي??ي ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.