اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ??ڻت?? جو اظ??ار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جي?? ۾ ??راب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جي?? ۾ ??ند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.