اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان م??اق??ت ڪئي جنهن جي اڳواڻي مسٽر ايمير گلين هيڊ آف گلوبل پبلڪ پاليسي (ميٽا پي ايس اي) ڪئي. م??اق??ت ۾ ڊجيٽل انگيجمنٽ، مواد جو تحفظ ۽ آن لائن تحفظ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب وفد ۾ فهد خان نيازي، سدره جليل، ايلنگا ايمپينا ۽ صهيب خان شامل هئا. وفد طرفان ”يو?? سيفٽي سمٽ“ جو جائزو به ورتو ويو. جنهن جي بندوبست جو مقصد ن??جو??نن، خاص ڪري ٻارن جي آن لائن تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي، ٻنهي ڌرين طرفان آگاهي مهم، اسڪولن ۾ تربيتي ??روگرامز ۽ هڪ محفوظ ۽ جامع ڊجيٽل ماحول کي عملي طور يقيني بڻائڻ لاءِ تربيتي ??روگرامز جي اهميت تي زور ڀريو ويو.