اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ??يو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شي??رز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شي??رز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شي??رز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شي??رز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ما??يت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ما??يات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ??يو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ما??رن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.