آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي جو دؤرو

image

راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ ٿيل گڏيل مشق واريئر-8 جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مشق جي دائره ڪار ۽ ان جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف مشق ۾ شريڪ جوانن سان ڳالهايو ۽ پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي جيڪي گڏيل مشق دوران ڏيکاريون پئي ويون. پاڪ- چين گڏيل مشق واريئر-8 جي شروعات 19 نومبر 2024ع کان ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ 3 هفتا ڊگهي اها مشق، سالياني بنيادن تي ٿيل سلسلي جي اٺين مشق آهي. اين سي ٽي سي پبي پهچڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں