اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪ??تا?? ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ??پ جو ٽائيٽل کٽڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. ڪپتان نثار علي ۽ محمد صفدر شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ فائينل ۾ فتح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پاڪ??تا?? بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجمينٽ به مبارڪن جي مستحق آهي. ٽيم جي سمورن رانديگرن جذ??ي سان محنت ڪئي ۽ ورلڊڪپ ٽائيٽل کٽيو.