اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) بئنڪاري جي شعبي ۾ ”ايڊوانسز ٽو ڊپازٽ شرح“ (اي ڊي آر) جي ??سئلي کي حل ڪرڻ جي ??اءِ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، فيڊرل بورڊ آف ??وينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن معيشت جي ??يداواري شعبن کي مجموعي طور تي قرض ڏيڻ تي اي ڊي آر پاليسي جي استعما??، ٽيڪس اوڳاڙين جي ??دفن تي ان جي اثرن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي ??اءِ بهترين ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حڪومت فنانس ايڪٽ 2022ع تحت 50 سيڪڙو کان گهٽ اي ڊي آر تناسب وارين بئنڪن جي ??اءِ سيڙپڪاري جي آمد??ي تي وڌيڪ ٽيڪس جي شرح متعارف ڪرائي هئي. ان ٽيڪس جو مقصد واپاري قرضن ۽ ٽيڪس جي غيرفعال آمدني کي وڌيڪ شرح تي وڌائڻ آهي جيڪا عدم محنت سان ٿيندڙ آمدني آهي. 2024ع جي ??وجوده ٽه ماهي ۾ بئنڪاري شعبو وڌيڪ ٽي??س کان پاسو ڪرڻ جي ??اءِ اي ڊي آر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ اي ڊي آر تي ٻڌل ٽيڪس نظام جي ??تبادل طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.