اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُ??ڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان ر?? ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُ??ڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذار?? طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024?? ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُ??ڻي شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُ??ڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻُ??ڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024?? ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي پاڪستان جوڊيشل ڪميش?? طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان ر??بطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُ??ائي چڪي آهي.