گڏي?? قومون _ 31 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏي?? قومن جي جنر?? اسيمبلي ۾ اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن خاص طورتي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ ۽ بيت المقدس جي تحفظ لاءِ او آئي سي جي ڪوششن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي . گڏي?? قومن جي 193 رکني جنر?? اسيمبلي روايتي طورتي ڪنهن به ان عالمي اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سيٽ جو اهتمام ڪندي آهي ، جيڪو پنهنجي موت جي وقت رياست جي سربراهه جي عهدي تي مقرر هوندو آهي . جنر?? اسيمبلي جي ان سيٽ تي پاڪستان جي سفير منير اڪرام چيو ته مرحوم صدر جي قيادت ، دانشمندي ۽ اتفاق رائي جي سياست جي بدولت ، او آئي سي جي ٻين اڳواڻن جي مسلسل حمايت سان تنظيم عالمي امن ، سلامتي ، خوشحالي کي هٿي ڏيڻ سان مربوط ۽ موثر قوت بڻجي وئي آهي . جنر?? اسيمبلي ۾ مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ بعد سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو پر آمريڪا مرحوم صدر رئيسي تي انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو .