اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز ش??يف چيو آهي ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي کانسواءِ نجي سطح تي به شمسي توانائي جي استعمال جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ صاف ۽ گهٽ ??اڳت واري بجلي جي پيداوار ۽ مهانگي درآمدي ٻارڻ ت?? دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شمسي توانائي جا منصوبا لڳائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي کانسواءِ نجي سطح تي به ان جي استعمال جي فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.