اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي ??عا??ن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه خصوصي ماڻ??ن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عم??ي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ??ه خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??عا??ن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻ??ن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻ??ن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت ??عا??ن ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿير??پي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻ??ن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻ??ن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.