اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، تعميراتي ??عبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميراتي ??عبي جي فروغ سان معاشي عمل تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، حڪومت تعميراتي ??عبي جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، مختلف سرڪاري ادارن جي ملڪيت ۾ رياستي ملڪيتن کي تعميرات خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعميراتي ??عبي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.