اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود ا??تسابي جو روشن مثال قائم ڪيو، حڪومت تي وار ڪرڻ بدران مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ سان ڀريل آهي. وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و ته قوم اهو وقت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽيي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏ??ندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هو، اتي اهو ش??ص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪندا هئا.