اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سان احساس ايمرجنس?? ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قا??م احساس ايمرجنس?? ڪيش ادائيگي مرڪز جو دورو ڪيو، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ امدادي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي