اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو اثاثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں