اليڪشن ڪميشن عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

image

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صدر مملڪت سان مشاورت کانپوءِ آئيني اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي 8 فيبروري 2024ع تي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو.

مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea
متعلقہ مضامین
مزید خبریں